اسلام آباد – 22 س??پٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ اي??دڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ??نع?? واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، مقامي گئس جي پيداوار ۾ ٿي??دڙ گهٽتائي، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سا?? ڪيل انتظامن تي تفصيلي بر??فنگ ڏني وئي.