اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسلامي دني?? ۾ ??ڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نو??وا??ن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي دوران پاڪستاني عوام جنهن حوصلي، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي، هن چيو ته دنيا ?? امن ۽ برداشت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.