اسلام آبا?? – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه ??ٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪس??ان جي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪس??ان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه ??ٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪس??ان جي تذويراتي پاليسين س??ن جڙيل آهن ۽ اهي پاڪس??ان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪس??ان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جد??جهد ۾ انهن س??ن گڏ بيٺل آهن ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.