اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبا??ڪب??د ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو جنهن سان روزگار جا موقع?? پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، انشاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپنين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام جي لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، انهن جي حق جي لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، اهي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن جي حقن جي ضمانت ڏي، و??يراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي ساهه پٽينداسين، و??يراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به مبا??ڪب??د پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪ??رونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.