صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??وڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪيو وڃي، متاثر علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ??وڏ تي سياست نه ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي ??وڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جو دورو ڪيو جتي کيس ??وڏ جي ??با??ين، متاثرين جي امداد ۽ ??با??ه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جاري ڪوششن ک??ن آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحبت پور بلوچستان ۾ ??وڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي ??قصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، متاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڍائي لک وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان ک??نسواءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پيناڊول ۽ مليريا جون دوائون موجود آهن هتي ??انگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان تي ضابطو آندو ويو آهي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جاري آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، مقامي ايم پي اي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته هتي ??اڻهن جا گهر ۽ زراعت ??با??ه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بحالي جي حوالي سان مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هنگامي امدادي ڪمن جي لاءِ وفاق کان وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بحالي جي حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون آهن جڏهن ته شهري علائقن ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ??تاثرين جي بحالي لاءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاق کان جيڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ??وڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان آهي، ??وڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان ک??ن وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي ??شينري فوري طور فعال آهي، صحبت پور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم چيو ته فوري طور تي ??يليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون بوتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ??وڏ کان متاثر علائقن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.