اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي زرعي شعبي جي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي ڪري ننڍن آبادگارن کي ان جي محنت جو جائز منافعو مليو آهي جنه?? سان انهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي معيشت ت?? به مثبت اثر پئجي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خا?? سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ار?? وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ار?? وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ، چانورن، مڪئي، مڱ، بصرن ۽ پٽاٽن جي رڪارڊ پيداوار ۽ لائيو اسٽاڪ جي بحالي جي ڏس ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.