اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مهانگن منصوبن جو بار عو??م کي کڻڻو پوي ٿو، سي پيڪ ڪنهن مخصوص پارٽي جو نه پر پاڪستان جي عوام جو منصوبو آهي. سماج?? رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ?? هن چيو ته (ن) ليگ جا نيب زده اورنج ??رين جي پاڻمرادي افتتاح تي اصل ۾ قومي ناڻي جي ڦرلٽ ۽ عوامي وسيلا هڙپ ڪرڻ جو جش ملهائي رهيا آهن.