اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان ??يس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي په?? جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابط?? ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ص??افين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.