اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪومت نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻي ر??ي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن ا??ا ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت تحت يونيورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ ??ي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. معاهدي ت?? يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.