اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ٽيليفون تي را??طو ڪري افغان امن عمل ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم افغان امن عمل جي لاءِ پاڪستان جي پخت?? حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته انهن ڪوششن سان آمريڪا طالبان امن معاهدو ۽ بين الافغان ڳالهيون شرو?? ٿيڻ جي صورت ۾ مثبت نتيجا نڪتا آهن.