اسلام ??با?? – 03 جولاءِ (اي پي پي) وفاق ۽ صوبن، پاڪ فوج، لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ بي مثال تعاون ۽ ورڪنگ رليشن جي ڪري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ اتفاق راءِ سان قومي ڪوششون ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيون آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي پليٽ فارم تان پهرين 100 ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ، پاڪستاني قوم پرعزم، وفاقي ۽ صوبائي هم آهنگي، سول ۽ فوجي سهڪار، عوامي اعتماد جو ثبوت ثابت ٿيو، 27 مارچ تي اداري جي قيام کان هينئر تائين صرف سئو ڏينهن ۾ هڪ هزار 7سئو کان ??ڌي?? ڪلاڪ فيصلي سازي ۾ ريڙهه جي هڏي ثابت ٿيا، 65 ملڪن ۾ ڦاٿل هڪ لک کان ??ڌي?? پاڪستانين کي پي آءِ اي ۽ غير ملڪي 478 اڏامن ذريعي واپس وطن آندو ويو، ٽيسٽنگ صلاحيت 472 کان وڌائي روزاني 50 هزار کان ??ڌي??، ليبارٽريز جو تعداد 2 کان 132 ٿي ويو، اسلام ??با?? ۾ 35 ڏينهن ۾ آئسوليشن اسپتال، انفيڪشن ٽريٽمينٽ سيٽر جو قيام ??مل ۾ آندو ويو، هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ 1562 وينٽي ليٽرز موجود آهن، 1895 ??ڌي?? وينٽي ليٽرز به جلد فراهم ڪيا پيا وڃن، ريمپ اپ پلان تحت اسلام ??با?? جي اسپتالن کي 41 وينٽي ليٽرز فراهم ڪيا ويا آهن، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين طبي وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي، وزيراعظم، آرمي چيف سميت سروسز چيفس، غير ملڪي سفيرن، دفاعي اتاشين، ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊي??، چيني فوجي ۽ سول وفدن ڪمانڊ سينٽر جو دورو ڪري ڪارڪردگي کي ساراهيو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، متحد ۽ پرعزم پاڪستان جو حقيقي عڪس ثابت ٿيو، سئو ڏينهن مڪمل ٿيڻ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي پاران جاري رپورٽ موجب پاڪستاني قوم سدائين چئلينجن خاص طور تي قدرتي آفتن جي خلاف جنهن يڪجهتي عزم ۽ همت جو مظاهرو ڪيو آهي.