اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ضرورتن جي ش??ن جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ انهن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ حڪومت جي ??ول??ن ترجيح آهي، هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين ضرورت جي ش??ن جي ذخيري جا حقيقي تفصيل ۽ طلب ۽ پهچ جي حوالي سان صحيح ڪاٿن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن بنيادي ش??ن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪري سگه??ن، اسمگل??گ ۽ ذخيره اندوزي جي حوصلا شڪني ۽ روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان تجويزن تي فوري طور تي غور ڪن ته جيئن ان جو باقاعده اعلان ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنيادي ضرورتن جي ش??ن جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.