اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ ش??گر??ن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ پڄاڻي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري هو. ان پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ?? مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادين جو ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ش??گر??ن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ??لا?? جي ش??گر??ياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي ش??گر?? ش??گر?? چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي ش??گر?? سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي ش??گر?? اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.