اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو ز??دا??ي چيو آهي ته عالمي برادري کي موسمياتي تباهي، ڪو??ون?? وبا، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان ??يدا ٿيندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي و??ارت ۾ سفارتي ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل بين المذاهب افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. افطار ڊنر ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اڳوڻي و??يراعظم سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، وفاقي و??يرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن پڻ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي خطاب ڪندي پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو ز??دا??ي مهمانن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي تباهين جي سنگين نتيجن ۽ ڪو??ون?? وبا جي ڏس ۾ معاشي چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي و??ير چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو اهم ڪم آهي. بلاول ڀٽو ز??دا??ي چيو ته پاڪستان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ معاشي مشڪلاتن سان گڏوگڏ ٻوڏ سٽيلن جي مڪمل بحالي جو وڏو چئلينج درپيش آهي، حڪومت جي اولين ترجيح غريبن ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل معاشي حالتن مان گذري رهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت مستحقين کي ريليف فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪو??ون?? وبا جي ڪري پاڪستان سميت مختلف ملڪن کي معاشي مسئلا درپيش رهيا، پاڪستان کي به ٻين ملڪن وانگر مختلف چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي و??ير تازي ٻوڏ دوران ??اڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ان ??وقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان ??ولاموف پڻ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ عالمي امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب رابطي جي اهميت ??ي زور ڏنو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان کي هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. سفارتي ڪور جي ميمبرن بين المذاهب هم آهنگي جي تصور سان افطار ڊنر منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي و??ارت جي قدم کي ساراهيو. افطار ڊنر ۾ پرڏيهي و??ارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.