اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف پرتشدد واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي 8 رياستن ۾ رام نومي جي ??وقعي تي مسلم مخالف تشدد جا واقعا ٿيا ڇو ته انتهاپسند تنظيمن تهوار ملهائڻ جي ??اءِ عوامي ريليون ڪڍيون، ڪيترين ئي مسجدن ۽ مسلمانن جي ??لڪيتي عمارتن تي حملا ڪيا ويا، بيهار رياست جي ضلعي نالنده ۾ هڪ مدرسي کي ساڙيو ويو جنهن جي ??تيجي ۾ قرآن پاڪ سميت اٽڪل 4500 ڪتاب سڙي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف اسلامو فوبڪ ۽ نفرت انگيز ڪاررواين ۾ خوفناڪ اضافو اڪثريتي هندوتوا جي ايجنڊا جي ??يروي ۽ ڀارتي سياست ۾ اسلام ۽ مسلم مخالف مهم جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان او آءِ سي جي ان بيان جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ ڀارت ۾ وڌندڙ مسلم مخالف واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت تي زور ڏنو ويو آهي ته هو مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفر?? کي هوا ڏيندڙ انتهاپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ترجمان چيو ته ڀارتي حڪوم?? کي ملڪ ۾ اسلامو فوبيا جي ??ڌندڙ لهر کي روڪڻ، مسلمانن کي پنهنجي عقيدي تي عمل ڪرڻ جي ??اءِ تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي طرح جي ??فرت انگيز ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪرڻ جي ??اءِ قابل عمل قدم کڻڻ گهرجن. ترجمان انهن ڪشميري اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي تحفظ تي پنهنجي گهري خدشن کي ورجايو جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ??ختلف جيلن ۾ قيد آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ميري لالر جي ??الاريل علائقي ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت بيان جي آجيان ڪئي جنهن جي توثيق پرامن ميڙ جي آزادي ۽ انجمن بابت خصوصي رپوتازڪيلمنٽ نائيلٽسي ويليو ڪئي آهي. ان بيان ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سول سوسائٽي تي مسلسل ڏاڍ جي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه جي ??ضاحت ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح والاريل علائقي ۾ غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ جو اطلاق سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ انساني حقن جي ??حافظن کي بدنام ڪرڻ ۽ خاموش ڪرائڻ جي ??اءِ ڪيو پيو وڃي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ختم ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان بيان جي تائيد ڪندي چيو ته انساني حقن جي ذميوارين جي خلاف ورزين تي ڀار?? کي جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ اظهار راءِ ۽ ميڙ جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي ??اليسي ختم ڪري.