لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم ج?? شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر ??رو??يسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هل??ل امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علو?? سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم ج?? شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ??رو??يسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هل??ل امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ??رو??ار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب ??رو??يسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنر?? سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر ??رو??يسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.