لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پ??پلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پ??پلزپارٽي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پهلوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ماني پهلوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئ??. ه?? مرحوم ماني پهلوان جي درجن جي بلندي ??اءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ماني پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوب??ون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پ??پلزپارٽي جيالي ماني پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.