اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? هڪ جان ٻه دل آهن، پاڪستاني ريسڪيو ٽيم ترڪ ڀينرن ڀائرن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي آهي، پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي مسلمانن جا لاڳاپا صديون پراڻا آهن، پاڪستان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀينرن ڀائرن جي هر ممڪن مدد جاري رکندو، معآشي مشڪلاتن جي باوجود ڀائر ملڪن سان تعاون جاري رکنداسين، پورو پاڪستان پنهنجي ترڪ ۽ شامي ڀائرن سان گڏ آهي، پاڪستان پاران ٻڌي ۽ قرباني جو پيغام پوري دنيا ۾ ويو آهي. ت??ڪي?? ۽ شام ۾ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ريسڪيو ٽيمن جهڙي طرح ت??ڪي?? ۽ شام جي زلزلي متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ان تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهن جي ٿورائتي آهي، ان سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيو ۽ ترڪ??ه جي ڀينرن ڀائرن جي دل ۾ پاڪستان جو احترام وڌيڪ وڌي ويو، اهي انهن خدمتن کي دير تائين ياد رکندا. هن چيو ته مون ترڪ??ه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ٽيم کي دل سان ڪم ڪندي ڏٺو، انهن سڀني جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي هتي گهرايو آهي، انهن پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي دوستي جي لڄ رکي جڏهن ته انهن جي ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ترڪ??ه جي زلزلي متاثر عوام اڄ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته انهن وٽ وسيلن جي کوٽ يا امداد نه آهي پر اهي انساني ۽ اسلامي رشتي جي ن??طي ٻڌي ۽ محبت جي بنياد تي اسان طرف ڏسي رهيا آهن، انهن کي اميد آهي ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ آهي جيڪو هڪ جان ٻه دل آهي ۽ جن جي دوستي صدين تي ٻڌل آهي. هن امدادي ٽيم جي ميمبرن کي پوري قوم جو هيرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت ترڪ??ه جي متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ته پاڪستان کي مشڪلاتون به درپيش آهن پر پنهنجي ڀائرن کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت هن وقت ڪفايت شعاري جي پاليسي تي عمل پيرا آهي پر ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ مهمان ان کان آجا آهن. وزيراعظم چيو ته هيستائين تمام گهڻو سامان ت??ڪي?? ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ موڪليو ويو آهي، ان ۾ اين ڊي ايم اي اهم ??رد??ر ادا ڪري رهيو آهي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، هن شاندار ڪم ڪيو، خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ٽيم پاڪ فضائ??ه جا ٿورا مڃون ٿا، انهن وڏو ??رد??ر ادا ڪيو، پاڪ بحر??ه جو جهاز امدادي سامان کڻي ت??ڪي?? روانو ٿيو آهي، ت??ڪي?? هڪ جهاز موڪليو هو جنهن تي 80 ٽن سامان موڪليو، 50 هزار سرديءَ جي موسم جا خيما تيار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي، ان جي قيمت جو تعين ٿي ويو آهي، ت??ڪي?? ۽ شام ۾ شديد سرديءَ آهي ان لاءِ اهي خيما اتي موڪلڻ ضروري آهي، اهي خيما باهه پروف آهن جيڪي هوائي جهاز ذريعي ت??ڪي?? موڪليا ويندا، ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيزي سان جاري آهي. هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي واري وفاقي وزير تمام گهڻي معاونت ڪئي آهي، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن هڪ مهيني جي پگهار زلزلي متاثرين کي عطيو ڪئي آهي، ناڻي واري وزير پنهنجي کيسي مان 2 ڪروڙ رپين جو عطيو ڏنو، تعليم واري وزير 6 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو، گريڊ 18 کان مٿي جي آفيسرن ٽن ڏينهن جي پگهار ڏني آهي، پنجاب صوبي امدادي سامان ۽ چيڪ به ڏنا آهن، چئني صوبن مان امداد ڏني پئي وڃي، ان سان ايثار، قرباني، اخوت، ڀائيچاري جو پيغام دنيا ۾ ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ ادارا متاثرين سان گڏ آهن، آرمي چيف زلزلي جي فوري پوءِ پنهنجي ٽيم موڪلي، ريسڪيو 1122 جي ٽيم اتي وئي آهي. هن چيو ته قوم کي توهان جي ڪوششن کان آگاهي جي لاءِ هي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. هن پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفيرن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سمورن ادارن پاران متاثرين جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ت??ڪي?? ۽ شام جي سفيرن به اين ڊي ايم اي کي ساراهيو آهي، انهن سمورن ريسڪيو جي ادارن جي ن??ين سر جوڙجڪ ڪري انهن جي تربيت وقت جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته پاڪستان جي اربن ريسرچ ۽ ريسڪيو ٽيم ترڪ??ه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ بهترين ڪم ڪيو جنهن کي عالمي ادارن ۽ ٻنهي متاثر ملڪن خراج تحسين پيش ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن ۾ مشڪل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ڪيون، متاثرين کي ريسڪيو ڪيو، ان سان پاڪستان جي ٻنهي ملڪن ۾ عزت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته زلزلي جي فوري پوءِ 6 فيبروري جي رات ۽ 7 فيبروري جي صبح ٻه ٽيمون ت??ڪي?? پهتيون، ريسڪيو دوران مسلسل 110 ڪلاڪ ملبي مان ماڻهن کي ڪڍيو، اتان جي عوام پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ امدادي ادارن جا ٿورائتا آهن. هن چيو ته ريسڪيو ٽيمن کي بهتر طور تي ٺوس ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڏينداسين. ڊاڪٽر رضوان نصير چيو ته تاجڪستان جي ٽيم اسان وٽ ٽريننگ جي لاءِ آئي، ت??ڪي?? ۾ تباهي ۾ پورا پورا شهر خالي ٿيا، ٽيم 15 ماڻهن کي زندهه ڪڍيو، لاش ڪڍيا، 150 عمارتن ۾ 250 لاشن جي ن??اندهي ڪئي. شروع ۾ اسان خيما ۽ ٻيو سامان ڏنو ته اهي اسان جو جهنڊو چمندا رهيا، وزيراعظم جي وقت سر فيصلي سان اهو ممڪن ٿيو .ڊاڪٽر فيض الله خان چيو ته پمز پاران ٽيم متاثرين کي طبي سهولتون ڏنيون. ان موقعي تي ريسڪيو ٽيمن جي اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.