اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آز??د ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??ن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آز??د ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب ??رڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئ??. ت??جمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اهي پاڪستاني شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.