اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اڀرندڙ ڊيجيٽل نشرياتي نظام بابت هڪ مذاڪري ۾ مقررين ان ??ظام جي اهم ادارن جي وچ ۾ رابطي جي ضرورت تي زو?? ڏنو آهي ته جيئن ان کي اجتماعي طور تي فروغ ملي ۽ اهو مثبت ۽ تعميري انداز ۾ قوم جي بهتر طور تي خدمت ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار FMs اسٽريم چينل ۽ OTT پليٽ فارمز جي نمائندن ان ??ذاڪري ۾ ڪيو جنهن جو اهتمام پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ ريڊيو پاڪستان ??يڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڪيو. مختلف نجي ايف ايم چينلز، اسٽريم چينلز ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن، تعيلمي ماهرن ۽ صحت جي شعبي جي ماهرن مذاڪري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته پرائيويٽ ايف ايم چينلز ماڻهن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ معلومات ۽ تفريح فراهم ڪرڻ ۾ ريڊيو پاڪستان ??ٽ موجوده پروگرامن ۽ معلومات جي قيمتي ذخيري مان ??ائدو کڻي سگهن ٿا. ريڊيو پاڪستان ??يڊيا جي شعبي ۾ مع??ار?? انساني وسيلن جي تخليق جي لاءِ تعليمي ادارن سان تعاون به ڪري سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهير?? شاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ??يليويزن وٽ اطلاعات ۽ معلومات جو قيمتي اثاثو موجود آهي ۽ ان جي دستيابي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام جوڙيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جي وسيع تر پهچ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان ??ومي نشرياتي اداري جي نشرياتي اوزارن جو معيار بلند ڪيو پيو وڃي ته جيئن آواز جو معيار بهتر ٿي سگهي. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ڳالهائيندي چيو ته ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جي نئين رجحانن جي گهرج آهي ته لاڳاپيل ادارن ۾ رابطي کي فروغ ڏنو وڃي. هن سرڪاري نشرياتي اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٿيندڙ قدمن کي اجاگر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايم 105 جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ذوالفقار علي شاهه چيو ته عوام جي وسيع تر مفاد جي لاءِ اسان ريڊيو پاڪستان سان تعاون جي لاءِ تيار آهيون. هڪ آءِ ٽي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وهاج سراج چيو ته اڄ نشرياتي ميديا کي تخليق ۽ جدت جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ۽ اسان جي خيال ۾ روايتي طريقن کان ??ٽي ڪري ان جو حل ڳولڻ گهرجي. ريڊيو انجنيئرنگ ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر جاويد هارون قريشي چيو ته ريڊيو پاڪستان ??وثر مواد جي تخليق سان ??الامال آهي ۽ اسان کي ان جي اشاعت ڪرڻي. ڊپارٽمينٽ آف سوشل سائنسز نسٽ جي ڊين ڊاڪٽر سلميٰ صديق چيو ته نسٽ نوجوان ??سل کي نشريات جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ تربيتي اڪيڊمي قائم ڪرڻ جي لاءِ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايم ڊي سي جي سي اي او ڊاڪٽر ياسر نياز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انهن جو ادارو عوام ۾ صحت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ تعليم جي فروغ ۾ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪندو. چائنا ميڊيا گروپ جي تصور زمان چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۾ حصيداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ موثر ثابت ٿي رهي آهي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي مان ??ڪيل خان چيو ته پيمرا ريڊيو جي صنعت جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ عوام کي بهتر انداز ۾ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪندو رهندو. مرڪزي تقريب ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي ميزباني ناليواري صحافي، تجزيه نگار ۽ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڪئي. اهڙي طرح جا مذاڪرا پي بي سي جي صوبائي هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ ٿيا.