اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اعلان موجب پاڪستان جي پهرين ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمون ترڪيءَ په??ي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪ فوج جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو (يو ايس اي آر) ??ي 33 رڪني دستي تي ٻڌل سي 130 اڄ ترڪيءَ جي شهر ادانه په??ي ويو آهي. بيان موجب ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اي ايف اي ڊي سان گڏجي ٽيمن کي فوري طور ت?? متاثر علائقن ۾ روانو ڪيو پيو وڃي. پاڪست??ن يو ايس اي آر ٽيمون ۽ امدادي سامان جي مقرري سان گڏ پنهنجو بچاءُ ۽ امدادي سرگرميون جاري رکنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني قوم آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ترڪ ڀائرن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.