لاهور – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي قومي ۽ معتبر عالمي يونيورسٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪندي هڪ ٻئي جي ??هترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻن، تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي تعليمي ذريعي سان گڏوگڏ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي ??وري دوران ايڊوائيزري بورڊ جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. لمز جي پرو چانسلر عبدالرزاق دائود، ريڪٽر شاهد حسين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد، بورڊ آف ٽرسٽيز ۽ ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن ۽ يونيورسٽي جي ??ينيئر قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي قومي ۽ ناليوارين ۽ معتبر عالمي يونيورسٽين سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪن، يونيورسٽين کي هڪ ٻئي جي ??هترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته ملڪي يونيورسٽين کي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مسلسل ٿيندڙ اڳڀرائين سان هم آهنگ رهڻو پوندو جڏهن ته پاليسي ۽ فيصلاسازن، ريگيوليٽري ادارن ۽ بيوروڪريسي کي جدت ۽ ترقي جي ??لاف پنهنجي ??وايتي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان کي جديد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي مقرر وقت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ??رورت آهي، يونيورسٽيون نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي نصاب سان ڳنڍين، هنرمند معياري گريجوئيٽس تيار ڪن جيڪي جديد دنيا جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل هجن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ ايجادن ۽ بهتري علم ۽ معلومات جي ??واني پيدا ڪئي جڏهن ته معلومات ۾ اضافي سان ياد ڪرڻ ۽ روايتي انداز ۾ رٽو لڳائڻ جي ??رورت ختم ٿي وئي آهي، يونيورسٽيون پنهنجي ??اگردن ۾ معلومات جي ??نياد تي درست فيصلاسازي، تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ جي مهارت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته يونيورسٽيون روايتي تعليم ذريعي کانسواءِ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي استعمال ڪن ته جيئن تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، اهڙي طرح يونيورسٽين ۾ داخلائن جي ??واهشمند شاگردن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ داخلا ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين جي ??لاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي ??رورت آهي. صدر چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم آسان ۽ سستي آهي، ان کي آساني سان توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم فارغ ٿيندڙ شاگردن جي معيار ۽ مهارت تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪامياب آهي. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان برين ڊرين جي ڪري معياري انساني وسيلن کان محروم ٿيو آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اعليٰ تعليمي يافته ۽ قا??ل افرادي قوت مان فائدو کڻڻ جي لا??ِ طريقيڪار ۽ ذريعا جوڙين. بعد ۾ صدر کي لمز جي قيادت اسٽريٽجڪ ترجيحن، اعليٰ تعليم جي ??عبي ۾ مسئلن ۽ معياري تعليم جي فراهمي ۾ لمز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان هيستائين 17000 کان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري چڪ?? آهن. لمز آن لائين ڪورس جي مواد جي ڪاٿي کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، يونيورسٽي ملڪ ۾ پاليسي سازي خاص طور تي توانائي جي ??عبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته لمز يونيورسٽي ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان گڏجي ??رگرم عمل آهي. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فراهمي ۽ ملڪ جي ??عليم يافته ۽ هنرمند افرادي قوت جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ ۾ لمز جي ڪردار کي ساراهيو.