اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان فصل ۽ زرعي مصنوعات کي انشورنس فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قابل اعتماد، مستنند ۽ پائيدار مصنوعات تيار ڪن جيڪي صارف دوست، عملدرآمد ۾ آسان ۽ خاص طور تي 12.5 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ آب??دگ??رن جي لا??ِ پهچ جوڳيون هجن، وڏن زميندارن کي به انساني ساخته قدرتي آفتن ۽ غيرمتوقع موسمي نظام جي ڪري فصلن جي نقصانن کان بچڻ جي لا??ِ انشورنس جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي پي ايل انشورنس پاران هڪ ميڊيا گروپ جي تعاون سان منعقد سيمينار بعنوان ”جديد دور ۾ فصلن جي انشورنس جي اهميت“ کي خطاب ڪند?? ڪيو. صدر چيو ته زراعت جو جي ڊي پي ۾ حصو 50 سيڪڙو هو پر هاڻي اهو جي ڊي پي جو رڳو 23 سيڪڙو رهجي ويو آهي جنهن جي ڪري بدقسمتي سان پاليسي سازن جو ڌيان ان طرف نه وڃي رهيو آهي. هن چيو ته زراعت اڄ به معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ ضروري آهي ته ملڪ جي لا??ِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ان شعبي کي سرڪاري ۽ نجي سطح تي سرپرستي ۽ حمايت حاصل هجي جيڪو رڳو انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن آب??دگ??رن کي انهن جي زمينن جي ڪاٿي کان قطعي نظر انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن جي منفي اثرن ۽ نقصانن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سيٽلائيٽ ام??جري جو هڪ تمام وسيع نظام موجود آهي جيڪو موسم جي مختلف رجحانن بابت مسلسل لاڳاپيل ڊيٽا تيار ڪري ٿو پر بدقسمتي سان ان جو صحيح تجزيو نه ڪيو ويو ته جيئن موسمي نظام ۾ لاهن چاڙهن جي ا ڳڪٿي ڪري سگهجي ۽ آب??دگ??رن کي غيرمتوقع برساتن يا ٻين قدرتي آفتن بابت آگاهي ڏئي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سيٽلائيٽ ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن کي هيٺئين سطح تي نتيجاخيز ۽ موثر طريقي سان تبديل ڪرڻ جي لا??ِ بامعنيٰ قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن آب??دگ??رن کي فصلن جي پوکيءَ جي نوعيت ۽ وقت بابت فيصلو ڪرڻ ۽ موسمي نظام ۾ ڦيرڦار جي منفي اثرن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته فصلن کانسواءِ چوپائي مالي، کير ۽ کير جي مصنوعات، گوشت، پولٽري ۽ فش فارمنگ وغيره جي لا??ِ پڻ انشورنس پراڊڪٽس تيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پنجاب حڪومت پاران عالمي بئنڪ جي تعاون سان تيار ڪيل فصلن جي انشورنس اسڪيم جا نتيجاخيز نتيجا سامهون آيا آهن ته جيئن آب??دگ??رن کي موسمياتي تبديلين يا ٻين آفتن سان ٿيندڙ نقصانن کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ان ماڊل جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ نتيجن کي ملڪ جي باقي حصن ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. هن انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو ته اهي اهڙي قابل اعتماد مصنوعات تيار ڪن جن سان آب??دگ??ر برادري جو فوري اعتماد ۽ تعاون حاصل ٿئي ۽ اهي ان کي آساني سان اختيار ڪن. هن ميڊيا جي سمورن پليٽ فارمز يعني پرنٽ، اليڪٽرانڪ، سوشل ۽ سيلولر فارمز تي پي ٽي اي ميسيجنگ جي ذريعي انشورنس مصنوعات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هيٺئين سطح تي انشورنس ۽ انهن سان واڳيل فائدن کي پهچائي سگهجي. صدر چيو ته ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان ۾ سوشل انشورنس جو هڪ بهترين نظام موجود آهي جتي خاندان جا ماڻهو ۽ ويجها رشتيدار مختلف سببن جي ڪري نقصان کڻندڙ خاندان جي ٻين ماڻهن جي دل کولي مدد ڪن ٿا. هن انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو ته اهي ان شاندار سماجي انشورنس نظام جو مطالعو ڪن ۽ ان تصور تي ٻڌل مصنوعات تيار ڪن. هن چيو ته مسلمان هجڻ جي ناطي آب??دگ??ر صحتمند فصل پوکڻ جي لا??ِ پنهنجي قسمت ۽ الله تعاليٰ جي فضل تي ڀروسو ڪن ٿا پر گڏ ئي حڪومت جو به فرض آهي ته اهي فصلن جي نقصان سان آب??دگ??رن کي ٿيندڙ نقصان جي تلافي ۾ مدد ڪري. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ماڻهن کي ڪنهن حد تائين معاوضي جي ادائيگي ڪئي آهي. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها سمورين ڌرين سان غور فڪر ۽ اتفاق راءِ جي ذريعي ٻاهرئين حڪمتن کان حاصل ڪيل بجيٽ، قرضن ۽ مالي امداد جي وڌ کان وڌ استعمال جي لا??ِ پاليسيون ۽ منصوبا تيار ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به پاليسي، منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي ڪاميابي جو اندازو ان جي تاثير، صارف دوستي ۽ هدف شده آبادي تائين آساني سان پهچڻ جي صلاحيت مان لڳايو وڃي ٿو. سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته پاڪستان کي بدترين موسمياتي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سان زراعت جي شعبي کي به نقصان پهتوآهي. فصل انشورنس جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته فصلن جي انشورنس سان آب??دگ??رن جي مالي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح جا سيمينار فصلن جي انشورنس بابت بيداري وڌائڻ جي لا??ِ مددگار ثابت ٿين ٿا. ان موقعي تي پنجاب جي زراعت واري اڳوڻي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي چيو ته جيتوڻيڪ جي ڊي پي ۾ زراعت جو حصو گهٽ ٿيو آهي پر ان جي باوجود اسان کي غذائي تحفظ ۽ ملڪي معيشت جي بهتري لا??ِ ان شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آب??دگ??رن جي اڪثريت غذائي سطح تي زندگي گذاري رهي آهي تنهن ڪري قدرتي آفتن جي صورت ۾ فصلن جي انشورنس انهن کي نقصانن کان بچائڻ جو بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته فصلن جي انشورنس کي اختيار ڪري زراعت جو شعبو پنهنجي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. ٽي پي ايل انشورنس جي سي اي او محمد ام??ن الدين چيو ته زراعت پاڪستان جي جي ڊي پي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو محور آهي ۽ انشورنس فصلن ۽ ماڻهن جي روزي روٽي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.