ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم جي حيثيت سان اس??ن کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چي?? ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چي?? ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي. هن چي?? ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي معياري تعليم جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آ??ي. هن وڌيڪ چي?? ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ??يڪ??الاجي سان ليس تعليم جي نظام جي ذريعي ئي پاڪست??ن کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.