نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور دهشتگرد حملي جي 8 هين ورسيءَ ملهائي رهيو آهي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري تنظيم جي ”ميموريز“ مهم جي هڪ حصي طور تي جيڪا مئي 2022ع ۾ اسپين جي مالاگا ۾ شروع ڪئي وئي هئي. دهشتگردي جي متاثرين جي گڏيل قومن جي عالمي ڪانگريس هن سال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ منعقد ٿي هئي. ان ڏس ۾ پاڪستان اٺين ورسيءَ جي موقعي تي هڪ تقريب جي ميزباني ڪندو. پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. يادگاري تقريب ۾ گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ، متاثرين، ??عليمي ماه??، سول سوسائٽي جون تنظيمن ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جا نمائندا ??امل هوندا.