اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فصلن جي انشورنس کي ملڪ ۾ غذائي تحفظ سان گڏوگڏ آبادگارن جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري قرار ڏيندي سمورين لا??اپيل ڌرين تي زور ڏنو آهي ته ??هي زرعي شعبي ۾ انشورنس ڪوريج جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پ??ڪس??ان ۾ فصلن جي انشورنس جو ڪاٿو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته ??سان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فصلن جي انشورنس جي ڪوريج اٽڪل 4 کان 5 سيڪڙو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي اهتمام هيٺ فصلن جي انشورنس بابت هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيا گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پ??ڪس??ان، پ??ڪس??ان بينڪس ايسوسيئيشن، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فصلن جي انشورنس ۽ ان سان لا??اپيل معاملن کي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته ??يئن شاگردن کي فصلن جي انشورنس جي اهميت، رسڪ مئنيجمينٽ ۽ فصلن جي جيتن جي حملي، سوڪهڙي ۽ انساني ساختا يا قدرتي آفتن جي ڪري پهچندڙ نقصانن کان آبادگارن کي بچائڻ بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين لا??اپيل ڌرين کي ان نصاب کي تيار ۽ لا??و ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پولٽري پ??ڪس??ان ۾ هڪ ترقي يافته ??عبو آهي ۽ اهڙن باضابطا شعبن کي انشورنس اسڪيمن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ انشورنس مصنوعات متعارف ڪرائڻ گهرجن ۽ لا??اپيل آبادي جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته ??هي انشورنس جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪري پنهنجي صنعت جي ممڪن نقصانن کان تحفظ فرهام ڪن. صدر زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو ??نه?? جي لاءِ جيڪڏهن گهٽ کان گهٽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي پر وڌ کان وڌ فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ??ديد آبادگاري ۽ چوپايو مال پالڻ جي مهارتن کي اختيار ڪرڻ سان پيداوار جي موجوده سطح کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان نه رڳو ملڪ کي خوراڪ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر هو زرعي مصنوعات کي دنيا جي ٻين حصن ۾ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. صدر چيو ته ??مورين انشورنس ڪمپنين ۽ ڌرين کي گهرجي ته ??هي سمورن ميڊيا جي ذريعن جي ذريعي ه?? ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪن ته ??يئن لا??اپيل عوام کي مصنواعت جاري ڪرڻ کان اڳ انهن جي مصنوعات، فائدن ۽ ان سان واڳيل خطرن بابت آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهن. صدر چيو ته پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي ۽ ان کي پاڻي جي کوٽ، گليشيئرز جي پگهڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته ??نهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪ کي ه?? ٺوس ۽ سوچي سمجهي خاتمي ۽ موافقت جي پاليسي ۽ لا??و ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي ته ??يئن ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار جي ذريعي کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??سٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ملڪ ۾ فصلن جي مجموعي صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ انشورنس پورٽ فوليو ۾ غيرروايتي فصلن ۽ چوپائي مال کي شامل ڪرڻ سميت آبادگارن جي سهولت لاءِ صارف دوست مصنوعات تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته ??ي ڊي بي متاثر آبادگارن کي پاليسي تي ٻڌل قرض ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون سان فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ 10 ملين ڊالر جي گرانٽ قائم ڪئي آهي. هن چيو ته ??ئنڪ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ فصلن جي انشورنس کي به شامل ڪندي ته ??يئن بحراني حالتن ۾ ڪمزور آبادگارن جو تحفظ ڪري سگهجي. قومي انشورنس ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته ??نڌ ۾ 40 ملين رپين جي شروعاتي رقم سان گڏ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون ته ??يئن چونڊ ڪيل زمين جي سروي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قدرتي يا انساني ساختا آفتن يا جيتن جي حملي جي ڪري فصلن جي پيداوار معمول کان 80 سيڪڙو کان گهٽ ٿئي ته لا??اپيل آبادگارن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ان قدم کي ساراهيو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته لا??اپيل عالمي ايجنسين وٽ ڪيترائي ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فنڊز موجود آهن جن کي فصلن جي انشورنس جي منصوبن طرف موڙڻ گهرجي. هن چيو ته ??مورن لا??اپيل ادارن ۽ ڌرين کي عالمي / علائقائي سطح تي اهڙن فنڊز جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ۽ وقف ٿيل کاتا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي فصلن جي انشورنس بابت پنهنجي مصنوعات طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر سڄي ملڪ ۾ فصلن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪريٽريٽ سان گڏ قومي سطح تي هڪ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته ??هي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي فصلن جي انشورنس جي حوالي سان هڪ قومي پاليسي تيار ڪن.