اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري ??حمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري ??هي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري ??گهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري ??بادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري ??لائقن ۾ رهندڙ هوندي تنهن ڪري ??هو ضروري ??هي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري ??بادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري ??گهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري ??ف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامر?? اينڊ انڊسٽري ??ي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪن??ي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري ??هندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري ??فتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري ??هي تنهن ڪري ??ڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.