نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي خصوصي نمائنده انجلينا جولي ۽ ٻين گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جيڪي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي متاثر لکين ماڻهن جن جون زندگيون ۽ روزگار جا ذريعا ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ??و آواز بڻيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته اسان ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ انهن جي جذبي ۽ همدردي جي اظهار کي سدائين ياد رکنداسين.