اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪي ت??قي جي لاءِ پاڻ ۾ فڪري ت??ديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جمهوري قدرن جي بهترين لاءِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا، بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته نوجوان پاڻ ۾ فڪري ت??ديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان ملڪي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي محاذ تي ٿيندڙ ايجادن کان باخبر رهن. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ملڪ جي نوجوانن کي خصوصي اهميت ڏيندو هو، قائداعظم نوجوانن تي فخر ڪندو ۽ انهن کي قوم جو معمار سمجهندو هو، نوجوان سمورن شعبن ۾ جديد ترين هنر سکن، فڪري سطح تي ٿيندڙ تبديلين کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جمهوري قدرن جي بهتري لاءِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آئين اسان سڀني جي لاءِ اتحاد مقصد جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور موجب ملڪ جي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ پرعزم آهن. صدر عارف علوي چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاء?? مشاورت، جمهوريت ۽ محنت جي جذبي سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم ضروري آهي. هن چيو ته بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، نوجوان خون جا عطيا ڏين ته جيئن رتوڇاڻ ڪرڻ، حياتي بچائڻ جي لاءِ خون فراهم ڪري سگهجي، عورتون ۽ نوجوان حڪومت جي اعلان ڪيل اسڪيمن ۽ مراعتن مان مڪمل طور تي فائدو کڻن. هن چيو ته يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جا ميمبر سي پي آر ۽ شروعاتي طبي امداد ۾ مهارت حاصل ڪن. يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جي باني چيئرمين رضوان جعفر يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جا مقصد بيان ڪندي چيو ته ان ۾ سڄي ملڪ مان نوجوان ليڊرز جي نمائندگي شامل آهي. هن چيو ته يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جا سمورا ميمبر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ لاڳاپيل ڌرين، انتظاميا ۽ ٻين ادارن سان گڏجي امدادي ڪمن ۽ عطيا گڏ ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. ان موقعي تي صدر يوٿ ??ارلي??مي??ٽ جا 17 سال مڪمل ٿيڻ تي يوٿ ??يڊرز کي يادگاري سووينيئرز ڏنا.