اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن کي انساني بنيادن تي ام??اد جي فراهمي تي صدر ۽ ترڪيه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري ب??د 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ترڪ صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي ترڪيه ۽ پاڪستا?? وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر طرفان خير سگالي ۽ يڪجهتي طور ترڪيه جي گهرو وزير سلمان سويلو ۽ ماحو??يا?? وار?? وزير ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي پاڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. ترڪ صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي ب??بت آگاهه ڪند?? وزيراعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ۾ لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪيو ۽ لکين گهر ۽ انفراسٽڪچر به تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ترڪ صدر کي حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ترڪيه طرفان ام??اد حاصل ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي ت?? وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.