فيصل آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي مائنز اينڊ منرل واري صوبائي وزير چوڌري لطيف نذر چيو آهي ته هن ڀي??ي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون انتهائي شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان کي اسان جي ابن ڏاڏن تمام گهڻيون قربانيون ڏئي حاصل ??يو. هن چيو ته وڻ انسانن جو دوست ۽ خداداد تحفو آهن جن جي حفاظت اسان تي فرض آهي تنهن ڪري اسان کي ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا.