اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي ??اڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي ??اڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور مشهور هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن چيو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، قابل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري ??فا??ي مريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.