لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف ??يو آهي ته قابل آفيسر بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي اثاثو هون??ا آهن ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪن??ا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سول ۽ انتظاميا جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڪيو جن وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ آفيسرن وزيراعظم کي گورننس، انتظامي معاملن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ??هباز شريف ??يو ته دل جي گهراين سان توهان کي عيد جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ??يو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هتي توهان جهڙا قابل آفيسر موجود آهن، بنا ڪنهن شڪ جي توهان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهيو، قابل آفيسر سياسي حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رهنمائي ۽ معاونت ڪن??ا آهن. هن ??يو ته جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هجي يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ڪپتان پنهنجي ٽيم کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن ??يو ته احتساب ۽ شفافيت جي آڙ ۾ آفيسرن کي بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪري انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم ??يو ته قومي خدمت اسان جو نصب العين آهي، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت قبول نه آهي، الله مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، منهنجو اهو عزم آهي ته قابل آفيسرن سان گڏجي اهو سفر شروع ڪريان. هن ??يو ته احتساب ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانونن جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، سول سرونٽس حڪومتي ٽيم جو حصو هون??ا آهن انهن جي خدشن جو تدارڪ پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، اڳوڻن چيف سيڪريٽرين ۽ مختلف کاتن جي سربراهن مستقبل جي منصوبن، موثر بيورڪريسي جي ڪردار ۽ عوام کي مختلف شعبن ۾ ريليف جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون.