اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جو ڊرامو رچائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي منافي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کي ڀارت جي هڪ ٻي مايو?? ڪندڙ ڪوشش قرار ڏنو ??هي جنهن جو مقصد دنيا کي غلط طور تي اهو باور ڪرائڻ ??هي ته والاريل علائقي ۾ حالتون معمول تي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، جن ڀارتي وزيراعظم جي دوري کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو.