اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائ??گا?? ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وز??رستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وز??راعظم جي آجيان ڪئي ۽ وز??راعظم جو علائقي جي ??هرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي ??اءِ وز??راعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وز??راعظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي ??اءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ??ر ممڪن ڪوشش ڪندي. وز??راعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي ??ربانين کي رائ??گا?? ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي ??اءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وز??راعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي ??اءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وز??رستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن ??يو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي ??يارن، پنهنجي ??ارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن ??يو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. وز??راعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.