اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين جي بالادست?? ئي اسان جي منزل آهي، ڇ?? ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽ?? جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي ??سئلن کي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهوريت تي حاضر?? جي موقعي تي چئي. هن چي?? ته آئين جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀن?? جي اولين ذميواري آهي. هن چي?? ته جمهوري قوتن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جمهوري قوتن کي آمريت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهوريت جي گمنام هيروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وساري هم ??هنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.