اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خ??ن فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليامينٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهو??يت ۽ پارليامينٽ ک?? يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته عمران صاحب سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀل?? پوري ??ي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه شهباز حلف ضرور کڻندو.