اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لم??ي اهو احساس ستائيندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ا??ان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بدقسمتي ??ان ا??ان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قا??ل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو ??ٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ا??ان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.