اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪو??ٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪو??ٽ جوڙڻ جو مع??مل?? چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪو??ٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪو??ٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇ??ل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇ??ل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اهو حساس مع??مل?? آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.