اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻ??ڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراع??م عمران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺل آهن، ان??ن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. ان??ن کي پاجاما نه ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي وارو وفاق?? وزير ??ما?? اظهر ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته وفاقي ايجنسين کان ملندڙ ٿريٽ کانپوءِ وزيراع??م عمران خان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، رياست جو فرض آهي ته هو پنهنجي سربراهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻ??ڻ جو خواب چڪناچور ٿيندو، پيءُ ۽ پٽ ٻنهي جو وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻ??ڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏ?? وزير جا اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وزيراع??م عمران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺا آهن، ان??ن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. ان??ن کي پاجاما به نه ملندا. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنهن به طور تي ملڪ جي عوام اجازت نه ڏيندي ته ڪنهن ٻاهر جي ملڪ ۾ ويهي سازش سان پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪئي وڃي. هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪجهه سئو ملين ڊالر خرچ ٿين ۽ حڪومت بدلائي وڃي. وفاق?? وزير چيو ته ناراض ميمبرن جي ملاقاتن جو به نوٽيس ورتو ويو آهي، ان??ن جي خلاف ڪارروائي اڳتي وڌندي، ان حوالي سان قانوني ٽيم پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي، اميد آهي ته سڀاڻي تائين سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري وٺنداسين، چوڌري فواد حسين چيو ته آرٽيڪل 184 جي ٻڌڻي دوران اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڏسي ته ڪهڙي طرح بي اعتمادي رٿ جو مسودو ٻاهرين ملڪ تيار ٿيو، ان کي پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو، رات جي پيٽ ۾ اها رٿ آندي وئي، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جو ضمير به جاڳي ويو جنهن کي ضمير جي هجي تائين نٿي اچي. هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته خط مون کي ڏيکاريو وڃي ته آئون گڏ بيهندس، جڏهن کيس گهرايو ويو ته هو نه آيو ڇو ته کيس پتو آهي ته ان سازش ۾ هو پاڻ ملوث آهي. مخالف ڌر جا مُک ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، وفاق?? وزير چيو ته غلام شريفيه شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه آصف بي ضمير ماڻهو آهن، خواجه آصف پاڪستان جو پرڏيه?? وزير ۽ دفاع وار?? وزير جي عهدي تي رهندي دبئي جي ڪمپني مان پگهار کڻندو رهيو، اهڙي طرح جا بي ضمير ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهيا آهن، هن چيو ته خواجه آصف چئي رهيو آهي ته آمريڪا اسان کي ڊرپ لڳائي رکي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام کي بي غيرتي جي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا، پاڪستان جا ماڻهو غيرتمند ماڻهو آهن، اسان جي بدقسمتي آهي ته احسن اقبال جهڙا ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهي، بي شرم ماڻهن جو اهو گروهه عالمي سازش سان پاڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ان سازش کي سڃاڻي ويا آهن، ان جي خلاف اٿي بيٺا آهن، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ بي ضمير ماڻهن جي خلاف مظاهرا ٿيا، آئون ان??ن سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن ان??ن مظاهرن ۾ حصو ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي قيادت عمران خان جهڙي غيرت مند اڳواڻ وٽ رهندي، اسان ڪڏهن پاڪستان کي جهڪڻ ۽ پاڪستاني قوم کي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. هي ملڪ ڊرپن جي سهاري نٿو هلي سگهي، هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پهرين به چئي چڪا آهيون ته اسان آئين موجب هلنداسين، اسپيڪر جو آئيني ڪردار آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته انشاءُ الله سڀاڻي پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو. هڪ سوال تي وفاق?? وزير چيو ته اسان ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊز جي سياست ناهيون ڪندا، احسن اقبال جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ ان??ي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ جي سياست ڪري سگهن، ان??ن چورن جي سوچ ايستائين ئي محدود آهي، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ کان اڳتي ان??ن جي سوچ ئي نه آهي.