اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس هن وقت هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته سنڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي ر??ڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري و??ير چيو ته هن وقت سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته اسان وڏي محنت سان ان طرح جي قدمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري ر??ي آهي، حڪومت ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.