اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ڪاروباري برادري معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دنيا سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي، حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آهن جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊ??ٽر?? جي اهتمام هيٺ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊ??ٽر?? جي عهديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آهن ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊ??ٽر?? کي تربيت يافته افرادي قوت جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊ??ٽر?? بند ٿي وئي هئي جنهن کي موجوده حڪومت بحال ڪري ڇڏيو آهي، هن ??يو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تقريب جي نتيجي ۾ ا??ان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. صدر واپارين تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر ??يو ته موجوده حڪومت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري آبادگارن کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿيو آهي، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان قدم ??ان واپار ۽ انڊ??ٽر?? کي به فائدو ٿيندو. هن ??يو ته هنرمند افرادي قوت جي تياري ??ان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي واپارين جو تعاون گهربل آهي، آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريعو آهي، حڪومت نوجوانن جي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ان قدم جو مقصد نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر ??يو ته موجوده حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي ۽ آءِ ٽي انڊ??ٽر?? کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻايو آهي، ماضي جي ڪا به حڪومت موجوده حڪومت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ صنعتي شعبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر ??يو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ضروري آهي ته هو تعليمي ادارن ??ان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ??ان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي. هن ??يو ته شاگرد حڪومت جي اعلان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو ک??يو ۽ ڏورانهن علائقن ??ان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، صدر ??يو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي سيڪٽر جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي صنعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪست??ن جو مستقبل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوبن کي ڪاميابي ??ان هلائڻ تي عورتن ??مي?? ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.