اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ صحت ۽ تعليم سميت سماجي مسئلن بابت آگاهي پ??دا ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي ورڪرز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي ۽ پاڪستان تهريڪ انصاف جي موجوده حڪومت انهي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت پروگرام تحت سماجي عوامي صحت جي تحفظ کي مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام هيلٿ سروسز اڪيڊمي ۽ جرمني جي اداري جي آءِ زيڊ ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته جرمني جو صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان تاريخي ۽ پراڻو تجربو آهي، پاڪستان تهريڪ انصاف قائم ٿيڻ جي موقعي تي جيڪو منشور تيار ڪيو ويو ا?? ۾ ??عليم ۽ صحت جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي ڇو ته سامجي خدمتن جي حوالي سان صحت ۽ تعليم جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن هو، جن قومن صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏني انهن قومن ترقي ڪئي. هن چيو ته صحت خراب ٿيڻ تي محنت جي ڪمائي علاج تي خرچ ٿي وڃي ٿي، غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ خاندان جو مالياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بيماري کان بچاءُ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ علاج سان ئي ان جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته صحت سهولت ڪارڊ بهترين قدم آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ شهرين کي صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستا?? ۾ ??ه جلد اها سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان ڪارڊ سان پوري ڪميونٽي جي انشورنس ٿيندي، ان ڪارڊ جي استعمال جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي، هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي ان جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ ۾ ڪرپشن جو ڪو امڪان نه آهي. هن چيو ته آن لائين تعليم سستي آهي ۽ آن لائين طريقي سان ڏورانهن علائق?? ۾ ??عليم فراهم ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح صحت جي شعبي ۾ جديد ذريعن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن پوليو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان صحت واري وزارت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پوليو ورڪرز پوليو جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته صحت سميت ٻين شعب?? ۾ ??ماجي خدمتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي خدمتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، معاشرتي مسئلن جي حل ۾ مسلمان معاشري ۾ مسجدن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، عالم سڳورن، دانشورن ۽ ڪميونٽي جي ورڪرز کي سماجي مسئلن بابت آگاهي پ??دا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مسجدن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ تعليم بالغان جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ مسجد جي امام کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ، ٻار?? ۾ ??ذائي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت ڪميونٽي ورڪرز کي پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻار?? ۾ ??ذائي کوٽ تي ضابطو آ??ڻ جي لاءِ ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي. هن پاڪستا?? ۾ ??حت جي شعبي ۾ تعاون تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حا??د چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي، ان قدم سان صحت جي سهولتن جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي، ڪيتري ئي آبادي کي صحت جي هڪ جهڙين سهولتن جي فراهمي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته جرمن ڊيولپمينٽ ڪارپوريسن (جي آءِ زيڊ) پاڪستان جو وڏو حصيدار آهي، عوام ۾ صحت جي دستياب سهولتن بابت آگاهي پ??دا ڪرڻ اهم آهي. جرمن سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر فلپ چيو ته جرمني پاڪستا?? ۾ ??ماجي تحفظ جي لاءِ صحت سهولت پروگرام ۾ ڀرپور معاونت ڪري رهيو آهي، اهو پائيدار ترقي هدفن جو به اهم نقطو آهي. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي خان صحت سهولت پروگرام جا مقصد بيان ڪيا.