اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته مون سدائين پنهنجي ٽيم کي چيو ??ه ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“، پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪو انقلاب آيو ??هي ان مان فائدو کڻندي نوجوان ۽ ملڪ خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن ٿا، حڪومت اي – واپار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي، رجسٽرڊ فري لانسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو ??هي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اي – واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ??ه منهنجي باري ۾ هتي ڳالهه ڪئي وئي ته مون سڀ کان وڌيڪ جملو ڪهڙو ڳالهايو ??هي ته آئون پاڻ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه چئي اها اها آهي ته ”گهٻرايو نه“، اسان جڏهن ??ڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، مون کي ٽيم جو فڪر هو ته اها گهٻرائجي ويندي، ان لاءِ مون انهن کي تلقين ڪئي ته ”گهٻرايو نه“، جڏهن ??ڀ کان مشڪل ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف اسان کيڏندا هئاسين تڏهن ??ه آئون پنهنجي ٽيم کي اهو ئي چوندو هئس ۽ اڄ آئون اپوزيشن کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“. وزيراعظم بهترين پريزنٽيشن تي عون عباس بپي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ??ه هن ??هترين ڪم ڪيو ??هي ۽ ان ۾ جذبو ۽ جنون آهي. وزيراعظم چيو ??ه آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ وڏا موقعا آهن ۽ ان شعبي ۾ انهن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اچي ويو ??هي، نوجوانن کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ??ه آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام ٿورا قدم کڻي ر??انگي واپار ۾ اسان 2 ارب کان پوڻا 4 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ٽي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ??ه حڪومت ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي ۽ مراعتن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي، اسان رجسٽرڊ فري لانسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو ??هي، مون بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري دعوت ڏني، هو اهڙو انسان آهي جنهن وڌيڪ پئسو ڪمائڻ بدران پوليو ??ي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ ان لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پوليو ??و هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به سندس خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندس. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستاني نوجوانن کي جڏهن ??ه موقعو ملي ٿو اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن ٿا پر سسٽم انهن کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏي، جيترو ٽيلينٽ پاڪستان ۾ آهي دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، سسٽم نه هجڻ جي باوجود نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، حڪومت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي تعليمي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو ??هي ۽ پرائمري تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪري ڇڏيو ??هي ڇو ته اسان جو تعليمي نظام عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿو ڏي، امير ۽ غريب جي لاءِ جدا جدا نظام جو خاتمو ٿي ويو ??هي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري ر??ي آهي، نوجوانن کي مختلف قسم جا ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان خاص طور تي عورتون آءِ ٽي جي ڪري گهر ويٺي ڪاروبار ڪري ر??يون آهن، اسان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ انهن ??ي صلاحيتن مان فائدو کڻي نه رڳو انهن کي ر??زگار فراهم ڪري سگهجي ٿو پر معيشت کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم اي – واپار جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ۽ اي – واپار پورٽل جو افتتاح ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ??ه اڳ ۾ بئنڪون ڏينهن ۾ ٽرانزيڪشن ڪنديون هيون پر هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿي ر??يو ??هي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي سڄي دنيا جا پاڪستاني فائدو کڻي ر??يا آهن، سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ملي ر??يو ??هي، حڪومت اي – ڪامرس جي لاءِ تمام گهٽ عرصي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ??هي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي، هن ??ال 75 سيڪڙو تائين اضافي جي اميد آهي، اسان ان شعبي ۾ هر سال 100 سيڪڙو اضافو چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم جي خاص معاون عون عباس بپي تقريب کي خطاب کي خطاب ڪندي چيو ??ه انٽرنيٽ ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو اي ڪامرس آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو رجحان تيزي سان وڌي ر??يو ??هي، 30 کرب ڊالر جي اي – ڪامرس ٿي ر??ي آهي، پاڪستان ۾ اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو اي – ڪامرس جي ٽريڊ کي رجسٽرڊ ڪيو، پاڪستان ۾ 10 لک ايڪٽو فري لانسرز اي – ڪامرس جي شعبي ۾ ڪم ڪري ر??يا آهن، حڪومت ان شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي ر??ي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت اي – ڪامرس جي شعبي ۾ جدت اچي ر??ي آهي، ان جي ذريعي ر??انگي واپار کي آسان بڻايو ويو ??هي، حڪومت سچي ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي نيٽ ورڪ وڌايو ??هي، نئين تيز ترين فائبر آپٽيڪل وڇائي وئي آهي جنهن ??ان انٽرنيٽ يوزرز ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو ??هي. هن چيو ??ه اي – ڪامرس جي شعبي سان 36 سيڪڙو عورتون واڳيل آهن ??ڏهن ??ه 30 سيڪڙو بطور ليبر ڪم ڪري ر??ي آهي، آءِ ٽي جي ر??انگي واپار ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر تائين اضافي جي اميد آهي، اي – ڪامرس جي لاءِ نوجوانن کي تربيت ڏني پئي وڃي، پاڪستان فري لانسرز جي انگ جي لحاظ کان چوٿين وڏي مارڪيٽ آهي، 50 هزار ايس ايم ايز کي ڊيجيٽل شاپس جي تربيت ڏني ويندي.