اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي س??مهون رکندي آمريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي س??ن مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي س??راهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول جي انعقاد سان پاڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي س??ن آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي س??ن گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ترجيحن کي اڳتي و??ائ?? رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي س??زمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن کي س??مهون رکندي آمريڪا سان پنهنجا ??هترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا ??وستاڻا لاڳاپا وڌيڪ ??ست??ڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني س??ن بهترين لاڳاپن جا ??واهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي س??ن هندستان سرڪار جي هندوتوا سوچ پوري خطي جي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.