اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي نظ??م ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي نظ??م ۾ علاج بدران بيمارين ??ان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظ??م ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ ??ان پاسو ڪن ٿا، صحت جي نظ??م ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي نظ??م ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظ??م قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان ??ان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران ??ني??دي تعليم، آئوٽ ريچ صحت ??دم??ن، امتحانن جي نظ??م ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ??ني??دي تعليم، آئوٽ ريچ صحت ??دم??ن، امتحانن جي نظ??م ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي ??دم??ن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.