اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چ??ن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽ?? ۽ ??گ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ ترق?? ۽ ??ربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلاڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس ??ي بلاڪ چين ايسوسيئيشن جي باني صد?? جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بلاڪ چ??ن ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلاڪ چ??ن ٽيڪنالاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ چ??ن ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظ?? جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوين معيشت جي مختلف شعبن جهڙوڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بلاڪ چ??ن ٽيڪنالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس ??ي بلاڪ چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.