اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر دنيا جي مختلف ملڪن مان پاڪس??ان جي دوري تي آيل ه??دو ياترين جي وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي، اميد آهي ته ه??دو ڪميونٽي ان جي لاءِ آواز اٿاريندي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ ه??دو ياترين جي وفد سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪس??ان امن ۽ ڀائيچاري تي يقين رکي ٿو، پاڪس??ان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جي مذهبي ۽ آئيني ذميداري آهي، پاڪس??ان جي پارليامينٽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي، اقليتي برادري سان ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي عوامي ۽ پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي سخت مذمت ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا آهن. پاڪس??ان ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. پاڪس??ان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اظهار جي آزادي جي راءِ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ تي پابندي عائد آهي، والاريل ڪشمير ۾ حقن جون پائماليون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب بنيادي انساني حق ڏنا وڃن. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، پاڪس??ان جي موجوده حڪومت مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مذهبي سياحت جي فروغ سان گڏيل رابطن ۾ اضافو ٿيندو. موجوده حڪومت شهرين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ شهرين کي بنا رنگ ۽ نسل ۽ مذهب کان سواءِ صحت ڪارڊ جاري ڪ??ا پيا وڃن، اسپيڪر چيو ته مختلف ملڪن مان آيل ه??دو ياترين جي وفد کي پاڪس??ان کي خوش آمديد چوان ٿو. قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار پارليامينٽ هائوس ۾ وفد جي گرمجوشي سان آجيان تي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو بطور ڪسٽوڊين آف دي هائوس جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. حڪومت پاران مذهبي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. مذهبي سياحت جي فروغ سان بين المذاهب هم آهنگي ۾ اضافو ٿيندو.