اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ ??ار??خي رشتا قائم آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آه??، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيجان جي سر??ار?? نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان ف??ڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آه??، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪست??ن ۽ آذربائيجان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربائيجان جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربائيجان سان گڏ ??ه فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائيجان جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آه??، آذربائيجان جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي ف??ڪ نيوز جو چئلينج درپيش آه??، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آه??، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪستان جي سر??ار?? نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيجان جي سر??ار?? نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان ف??ڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آه??، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذربائيجان جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪست??ن ۽ آذربائيجان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آه??.