اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جسٽس (ر) وجيهه الدين جي خلاف هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته ميڊيا تي پٽڪا لاهڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جنهن شخص تي احسان ڪيو انهي ئي وزيراعظم جي ذات تي حملو ڪيو، جهانگير ترين جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد جي الزامن جي ترديد ڪئي آه??، وزيراعظم ڪڏهن به قومي خزاني تي بار ناهي وڌو، وزيراعظم جي ذات تي جيڪي الزام لڳايا ويا، ان تي ڪارروائي ڪنداسين، آئين جي آرٽيڪل 9 تي عملدرآمد لازمي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اندر اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ وڏو عرصو جدوجهد ڪئي، آئين جو آرٽيڪل 9 پاڪستان جي شهرين جي عزت نفس کي محفوظ بڻائڻ جو بنيادي حق ڏي ٿو، بدقسمتي سان ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي مسلسل ان حق جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي چيف ايگزيڪيٽو لاءِ بي سروپا ۽ بي وقتائتي مهم هلائي وئي، ان جي ذات کي نشانو بڻايو ويو پر جڏهن حقيقتون سامهون آيو ته الزام غلط ثابت ٿيا، هن چيو ته جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد وزيراعظم جي ذات تي حملو ڪيو آه??، ان جي الزامن جي ترديد جهانگير ترين ڪري ڇڏي آه??، هن چيو ته هڪ اهڙي ماڻهو جنهن تي وزيراعظم عمران خان احسان ڪيو ۽ صدر جو اميدوار نامزد ڪيو، جي بيان کي ميڊيا ۾ بنا ڪنهن تحقيق جي پيش ڪيو ويو، وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي لاءِ ميڊيا جا اصول ۽ ذميواري هجڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قانوني جي تجويز انهي لاءِ ڏني هئي، اسان سمجهون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي جي حق سان گڏ ذميداري جو حق به هجڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ جي اعليٰ ترين سول آفيسرن، فوج ۽ عدليه جي خلاف مهم سوچي سمجهي سازش تحت شروع ڪئي ويندي آه??. هن چيو ته وڏن ٽي وي چئنلز کي ٻاهرين ملڪ ڏنڊ به پوندا آه?? ۽ اهي ڏنڊ ادا به ڪندا آه?? پر پاڪستان جي اندر ميڊيا جي آزادي کي هڪ خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آه??، هن چيو ته وزيراعظم جي ذات کي جهڙ?? طريقي سان نشانو بڻايو ويو اهو قابل مذمت آه??. وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي پئسن جو مسئلو ڪڏهن به ناهي رهيو، پاڪستان جڏهن ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ جڏهن ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت ۾ شڪست ڏني ته ان وقت عمران خان ئي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتا هو، ان وقت رانديگرن کي پلاٽ به مليا، عمران خان اهي پلاٽس پاڻ رکڻ جي بدران شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪڏهن قومي خزاني تي بار نه وڌو، سندس ماهوار خرچ جي حوالي سان به ڪجهه ٽي وي چئنلز غير ضروري تذڪرو ڪيو، هن چيو ته وجيهه الدين احمد انتهائي غير ذميداري جو مظاهرو ڪندي الزام لڳايا، ۽ جهانگير ترين ان جي الزامن جي ترديد ڪري هڪ معزز ماڻهو هجڻ جو ثبوت ڏنو آه?? ۽ واضح ڪيو آه?? ته ان قسم جا ڪي به خرچا هن ادا ناهن ڪيا، هن چيو ته نجم سيٺي تي ٽي سالن کان ڪيس التوا جو شڪار آه??، پيمرا ان تي ڪارروائي ڪئي ته ان تي منع نامو حاصل ڪيو ويو، هن چيو ته عدليه کي ڪنهن انفرادي شخص جي عزت نفس جو تحفظ ڪ فراهم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف اهڙ?? طرح جي پروپيگنڊا ڪري پوري ملڪ جي ماڻهن جي اعتماد کي مجروح ڪيو ويندو آه??، هن چيو ته اهڙن حربن تي سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته اسان وجيهه الدين احمد تي هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن کي اپيل آه?? ته ادارن جي عزت کي بحال رکڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، وزيراعظم به هڪ ادارو آه??، ان جي عزت کي بحال رکڻ قانوني اعتبار سان به اهم آه??. هن چيو ته چيف جسٽس ضلعي ۽ هاءِ ڪورٽس جي سطح تي خصوصي بينچ جوڙين جيڪي اهڙ?? طرح جا ڪيس ٻڌن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ايم ڊي اي جي حوالي سان جيڪي تجويزون پيش ڪيون هيون، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کان ان تي ڳالهه ڪئي آه??، ايڪشن ڪميٽي کي سفارشن موجب نئون ڊرافٽ تيار ڪري موڪليو آه??، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا تنظيمون ان قانون کي حتمي شڪل ڏين ته جيئن ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي، هن چيو ته اسان جيڪي قانون گهري رهيا آه??ون هو اهي ئي قانون آه?? جيڪي عالمي سطح تي لاڳو آه??، ان کانسواءِ اسان نه ڪجهه وڌيڪ چاهيون ٿا نه گهٽ، آرٽيڪل 9 تي عملدرآمد ضروري آه??، هن چيو ته اسان ان ٽي وي چئنلز کي نوٽيس ڏئي رهيا آه??ون جنهن بنا تصديق جي ان الزام کي پنهنجي ٽي وي چئنلز تي هلايو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسن کي درخواست آه?? ته هو انهن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ڪجهه ماڻهن ميڊيا قانونن جي مخالفت ڪئي، پاڪستان جي شهرين جي عزت نفس هڪ طرف ۽ ڪجهه ماڻهن جو مفاد ٻ?? طرف آه??، اسان کي ان ۾ توازن رکڻو پوندو، هن چيو ته اسان ميڊيا تنظيمن سان گڏجي قانون سازي کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان سخت قانون نه آندا ته فيڪ نيوز جي بنياد تي پاڪستان جو نظام ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو رهندو. هن چيو ته برطانيه ۽ آمريڪا سميت دنيا ۾ ڪٿي به الزامن کي اهڙ?? طرح نشر نٿو ڪري سگهجي، انهن الزامن جي تصديق ڪرڻي هوندي آه??، بيان نشر ڪرڻ کان پهرين جهانگير ترين کان ئي پڇيو وڃ يها ته اهو الزام نه رهي ها، هن چيو ته ڪنهن ماڻهو جي الزام کي بنا تحقيق جي نشر نٿو ڪري سگهجي. ان جي لاءِ قانونسازي تي به ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته عدليه کان به اميد آه?? ته هو اهڙن منفي قدمن تي سخت ڪارروائي ڪندي.